ديوان عزلت

ديوان عزلت (ڪتاب): ’ديوان عزلت‘ علامه مخدم محمد معين ٺٽويءَ جي ڀاڻيجي علامه سيد نجم الدين ٺٽوي ’عزلت‘ جي فارسي غزلن جو مجموعو آهي. سيد نجم الدين ٺٽي جي نامور بزرگ هستي محمد يوسف مهدوي رضويءَ جي اولاد مان آهي. سيد نجم الدين جي پيءُ سيد مير محمد رفيق علامه مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جي ڀيڻ سان شادي ڪئي هئي. ان ڪري سيد نجم الدين مخدوم معين جو ڀاڻيجو هئڻ سان گڏ سندس شاگرد به هو. ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ ۾ دين محمد وفائي لکي ٿو ته، ”سيد نجم الدين وڏي پايي جو شاعر هو ۽ ’عزلت‘ تخلص اختيار ڪندو هو. ’ديوان عزلت‘ سندس يادگار آهي. اهو ديوان راقم الحروف (وفائي) 1921ع ۾ ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ وٽ ڏٺو هو، پر ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان پوءِ ان ديوان جو ڪو پتو نٿو ملي.“
ديوان عزلت‘ جا موجوده وقت ۾ ٻه نسخا ملن ٿا. هڪ قلمي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي مسودن ۾ موجود آهي، ۽ ٻيو قلمي نسخو لاهور جي پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي. ٻنهي نسخن ۾ هڪ جيترا غزل آهن. عزلت جو فارسي ديوان رديفن مطابق الف- ب جي ترتيب ۾ آهي. ’ديوان عزلت‘ ۾ 400 کن غزل آهن، جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو